جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي جي سيريز هڪ هڪ ميچ سان برابر ڪري ڇڏي. ٽاس کٽي پاڪستان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، ميچ جي پهرين بال تي رضوان آئوٽ ٿي ويو، بابراعظم 50 بالن تي 50 رنز اسڪور ڪيا.شرجيل خان ڇڪو هنيو پر 12 بالن تي 8 رنز ٺاهي جارج لِنڊي جو شڪار بڻيو. 10 جي مجموعي اسڪور تي ٻئي اوپنر آئوٽ ٿيڻ بعد حفيظ آيو جنهن بابر سان 58 رنز جي پارٽنر شپ ٺاهي، حفيظ 6 چوڪن جي مدد سان 32 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو.
حيدر علي 12 ۽ فهيم اشرف 5 رنز اسڪور ڪري سگهيا.حسن علي ٻه ڇڪا هنيا پر اڳئين بال تي بائونڊري تي ڪيچ ٿي ويو ۽ پاڪستان 20 اوورز م 9 وڪيٽن تي 140 رنز ٺاهي آسان ٽارگٽ ڏنو. جوابي بيٽنگ ڪندي 4 وڪيٽن جي نقصان تي ڏکڻ آفريڪا جي اوپنرز 44 رنز جو تيز ۽ بهتر اسٽارٽ ڏنو جينمين ملن 15 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ته ويهان لوبي به 12 رنز ٺاهي واپس موٽيو، جنهن بعد مرڪرم ڪپتان هينري ڪلاسن سان گڏ اسڪور 88 تائين پهچايو، مرڪرم لڳاتار ٻئي ميچ ۾ به ففٽي ٺاهي.
عثمان قادر ٻه تڪڙيون وڪيٽون ورتيون پر ڪپتان ۽ جارج لنڊي 49 رنز جي پارٽنرشپ ٺاهي ٽيم کي آساني سان ميچ کٽائي.










