ڪراچي(ويب ديسڪ) ڏکڻ آفريڪا گروپ ميچ ۾ نيدر ليند کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 18.5 اوورز ۾ ميچ کٽي ورتي. ملر 4 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 51 بالن تي 59 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڏکڻ آفريڪا ٽارگيٽ چيز ڪرڻ شروع ڪيو ته پهرين ئي اوور ۾ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ بنا بال فيس ڪرڻ جي آئوٽ ٿي ويو، ٻئي اوور ۾ هنڊرڪ به 3 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ايڊن مرڪرم زيرو تي ۽ هينرچ ڪلاسن 4، ٽريسٽن اسٽبز 33 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. 19هين اوور ۾ ديوڊ ملر ٻه ڇڪا هڻي ميچ کٽي ورتي. ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هالينڊ ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 104 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. نيويارڪ ۾ کيڏيل آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 16هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي هالينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. هالينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 103 رنسون ٺاهيون. هالينڊ لاءِ سيبرانڊٽ 40 رنسون ۽ لوگن وان بيڪ 23 رنسون ٺاهيون، وڪرمجيت سنگهه 12 ۽ اسڪاٽ ايڊورڊ 10 رنسون اسڪور ڪيون. ڏکڻ آفريڪا طرفان اوٽونلي بارٽمن 11 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، مارڪو جانسن ۽ اينريچ نورڪيا 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.










