نئين دلي(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا سان سپر ايٽ مرحلي جي پنهنجي آخري ميچ ۾ ٽاس کٽي زمبابوي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنسون ٺاهيون. ڪپتان سڪندر رضا 73، ڪلائيو مداندي 26 نات آئوٽ ۽ براائن بينيٽ 15 رنسون ٺاهيون. ڇکڻ آفريڪا 17.5 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ٽسارگيٽ پورو ڪري ورتو.ڊيوالڊ بريوس 42، ريان رڪلٽن 31 ۽ جارج لنڊي 30 رنس ناٽ آئوٽ رهيو. سپر ايٽ مرحلي جي آخري ميچ ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز م کيڏي پئي وڃي. جيڪا ٽيم کٽندي اها سيمي فائنل ۾ ويندي. ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ اڳ ۾ ئي سيمي فائينل ۾ پهچي ويا آهن.










