نائلا ٻوھيو
اسان جي سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي اھڙن سپوتن کي جنم ڏنو آهي. جن پنھنجي اڻ ٿڪ ڪاوشن ۽ جدوجهد سان پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. انهن عظيم شخصيتن مان سائين محترم عزيزالله ٻوهيي صاحب جي شخصيت پڻ سرفهرست آهي. محترم سائين عزيزالله ٻوهيو صاحب سنڌ جي هڪ قد آور شخصيت هو. پاڻ سال ۱۹۴۶ع جي مارچ مھيني جي ۱۴ تاريخ تي نوشهرو فيروز جي ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ خير محمد ٻوهيو ۾ جنم ورتو. سندس طبيعت گلن جي سرهاڻ وانگر هئي. سائين جي شخصيت هر پاسي کان مانائتي ۽ مثالي آھي.
سائين عزيز الله صاحب جي سادي ۽ نماڻي طبيعت ھئي ديني توڙي سياسي ڄاڻ سان ٽمٽار شخصيت جو مالڪ ھو
ڪو بہ ساڻس جڏهن ملاقات ڪندو هو ته علم جي فيض سان ضرور منور ٿيندو هو. پاڻ علم جو خزانو هو. پاڻ سنڌ جو هڪ بهادر پٽ هو. سائين عزيزالله ٻوهيي صاحب زندگي سچائي ۽ نوڙت سان گذاري. پاڻ ڪنهن بہ ذات پات ۾ فرق نه رکندو هو.
اسان لئہ ڪُل عقيدن کان، اُتم آهي عقيدو هِي،
ڪَيون درياھَ جي بيعت، هُجون اصحابَ پاڻي جا،
(جھانگير ڏاهري)
سائين عزيزالله ٻوهيو هڪ انسان دوست عالم جي حيثيت سان ايترو ته روادار هو جو قرآن حڪيم جي فرمان مطابق تہ
ولقد ڪرمنا بني آدم: بنا شڪ جي اسان آدم جي اولاد کي عزت وارو بڻايو آهي. ۽ سورت انعام جي آيت نمبر ۱۳۲ جي پڌرائي مطابق تہ ولتل درجت مما عملو: سڀني ماڻهن کي مرتبا سندن عملن جي بنياد تي ڏنا ويندا. پاڻ سماجي مان ۽ مرتبي جو معيار ڪلمي نہ پر ڪردار کي قرار ڏيندو هو. سندس مذهب کان مٿاهين ڀائيچاري واري سوچ هئي.
تو بہ ماڻهو مان بہ ماڻهو مٺي پنھنجي ساڳي آھي
مون وٽ ڪو لاءِ مان وڏو آ مذهب کان انسان وڏو آ
محترم سائين عزيزالله ٻوهيو قرآني تعليمات جو وڏو برک عالم ۽ دانشور هو. پاڻ چوندو هو تہ جيڪڏهن توهان کي قرآن کي سمجهڻو آهي ته قرآن جو ترجمو تعريف آيات سان ڪيو. قرآن پنهنجو ترجمان پاڻ آهي. پنهنجو مفسر پاڻ آهي. محترم عزيزالله ٻوهيو صاحب انيڪ سهڻين صفتن جو مالڪ هو. هر انسان کي عزت احترام ڏيڻ ان جو درهم هو. پاڻ تمام سادو ماڻهو هو. پاڻ ھميشہ لوڪل گاڏين ۽ بسن تي سفر ڪندو هو. ۽ سڀني ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو هو.
اي ڌرتي تنهنجا درد کڻي، مان نگري نگري ڀٽڪيو ھان…
پاڻ سنڌ ڌرتي جو سچو عاشق هو، اھڙي محبت سندس جون زندانن ۾ گھاريل ڪارين راتين مان عيان ٿئي ٿي. جڏھن بہ سنڌ اندر بي گناھ ماڻهن کي غائب ڪيو ويندو هو تہ پاڻ انھن جي آزادي لاءِ ديس واسين سان ھر پليٽ فارم تي گڏجي انھن جو سگھارو آواز بڻبا ھيا. ھن ملڪ جي ظلم، جبر ۽ آزاديءَ کان وانجھيل نظام تي کيس دلي تڪليف پهچندي هئي. امر پيرزادي جا ھي لفظ سائينءَ جي تڪليف ۽ سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا،
آزاد ديس ۾ هن آزاد هٿڪڙيون
سڀ قيد ٿا لڳن ۽ زندان ڪونه آ
پاڻ سنڌ ڌرتي جي هر انسان جو ھڏ ڏوکي هو. جڏھن ڪو بہ ماڻهو سائين کي پنهنجي ڪنهن بہ مسئلي لاءِ مدد گھرندو.هو. تہ پاڻ پوري ايمانداري ۽ سچائي سان ان جو ڪم ڪندا ھئا. ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا ھئا.
محترم سائين عزيزالله ٻوهيو سچي سون جيهڙو چمڪندڙ ۽ جرڪندڙ قومي ڪردار، سچار، لوڪَ کان نرالو آدرش انسان هو. پاڻ قرآني تعليمات کي عام ڪرڻ لاءِ آخري ساهه تائين جاکوڙ ۾ رهيو. سائين جو اوچتو وڇوڙو اھڙو خال آھي جيڪو صدين تائين نہ ڀرجي سگھندو.
دليون قبرستان بڻي ويون ماڻھن جون،
شھرِ خموشان ۾ هڪ تربت جاڳي ٿي.
سائين راشد مورائي
سائين جو اسان کان جدا ٿيڻ ديس ۽ دنيا مان دين جي دليل جو وڇوڙو ھو. محترم سائين عزيزالله صاحب تاريخ ۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي اسان کان جسماني طور جدا ٿيو، پر انهن جو فڪر، نظريو، سوچ ھميشہ امر رھندي.










