اسلام آباد (بيورو)مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها توشه خانه ريفرنس جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي آڱوٺو بڻائيندي چيو آهي ته هاڻي عمران خان ڏسندو ته کين ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪيئن نااهل ڪيو وڃي ٿو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ محسن شاهنواز رانجها چيو ته عمران خان کي ڪروڙين روپين جون واچون مليون، تحفو وٺڻ ۽ وڪڻڻ شرم جي ڳالهه آهي، هن هڪ ڪروڙ جي شيءِ 5 ڪروڙ ۾ وڪڻي ڇا ڪيو؟ ليگي ميمبر قومي اسيمبلي چيو ته هڪ غريب کي به 3500 جو ٽي سيٽ ڏيندو پر عمران خان تحفا موڪلي دنيا ۾ پاڪستان جي بي عزتي ڪئي.محسن شاهنواز رانجها چيو ته جيڪڏهن نواز شريف جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کي به پيش ٿيڻو پوندو، عمران خان کي رسيدون ڏيڻيون پونديون.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ريٽرنز ۾ ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرايو، هاڻي ڏسندو ته عمران خان ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪيئن نااهل ٿئي ٿو. مسلم ليگ ن جي اسيمبلي ميمبر چيو ته نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ ملڪ نه هلي سگهيو.










