اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي قومي اسيمبلي جو اجلاس دير سان سڏائڻ واري فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.ن ليگ اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ قاسم سوري، سيڪريٽري پارلياماني معاملن ۽ سيڪريٽري اسيمبلي کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اجلاس 22 اپريل تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني آهي.درخواست آهي ته ڊپٽي اسپيڪر کي هدايت ڪئي وڃي ته اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ فوري اجلاس گهرايو وڃي.










