شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) ڊي سي شڪارپور پاران بازارن جو دورو، کاڌي پيتي جي شين جو جائزو ورتو، دوري دوران ڊي سي ابرار احمد جعفر مختلف دڪانن تي روزمرھ جي شين جا اگھ معلوم ڪيا ۽ سرڪاري ريٽ لسٽون پڻ چيڪ ڪيون، مقدس مهيني ۾ عوام کي سستي ۽ معياري ضروري شين جي وڪري کي يقيني بڻايو وڃي/ ڊي سي ابرار احمد جعفر خبر موجب: ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار احمد جعفر اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور آصف رضا چانڊيو، مختيارڪار عبدالرحمان کوسو سان گڏجي شھر جي سبزي منڊي، ڀوڳڙي بازار، اسٽورٽ گنج بازار، گوشت مارڪيٽ ۽ ٻين دوڪانن جو اوچتو دورو ڪيو ۽ کاڌي پيتي جي شين جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار احمد جعفر مختلف دڪانن تي روزمرھ جي شين جا اگھ معلوم ڪيا ۽ سرڪاري ريٽ لسٽون پڻ چيڪ ڪيون، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور دوڪاندارن کي ھدايتون ڏيندي چيو ويو ته سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھن تي پابندي سان عمل ڪيو وڃي ۽ عوام کي سرڪاري اگھن تي روزمرھ جون شيون مھيا ڪيون وڃن، ھن مقدس مهيني ۾ عوام کي سستي ۽ معياري ضروري شين جي وڪري کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.










