پشاور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ تيمور سليم جهڳڙا اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چيو آهي ته ڊي آر او، آر او عوام جي مينڊيٽ سان ڌاڙو ھنيو آهي،خط جي متن ۾ تيمور سليم جهڳڙا چيو آهي ته ن ليگ اميدوار هوائي فائرنگ ڪري ووٽر کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي.هن خط ۾ چيو ته آر او فائرنگ واري واقعي تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جڏهن ته فارم 45 ۾ منهنجي برتري واضح هئي.خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مڪمل نتيجن جي تياري دوران اسان جي پولنگ ايجنٽن کي وڃڻ نه ڏنو ويو، ڊي آر او مسلم ليگ ن جي اميدوار کي فائدو پهچائڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي.تيمور سليم پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته ڊي آر او ن ليگ اميدوار کي پاڻمرادو فارم 47 جاري ڪيو.










