ڊي آءِ خان ۾ ڪارروائي، 7 ڀارتي حمايت آفته خارجي مارجي ويا

ڊي آءِ خان ۾ ڪارروائي، 7 ڀارتي حمايت آفته خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڊيرا اسماعيل خان جي ڪلاچي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس اطلاعن تي هڪ آپريشن ۾ 7 هندستاني حمايت آفته خوارج کي ماري ڇڏيو.پاڪستاني فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو ته آپريشن هندستاني پراڪسي فتنه الخارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. مارجي ويل خارجين ۾ 3 افغان ۽ 2 خودڪش بمبار شامل هئا. آپريشن دوران، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو.آءِ ايس پي آر موجب، هندستاني حمايت آفته خارجين کي ختم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز پاران علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.پاڪستاني فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز چيو ته اميد آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ اميد آهي ته افغان حڪومت پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو