اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي خاتون اول بشرا بي بي جي ڪيس جا تفصيل فراهم ڪرڻ ۽ گرفتاري کان روڪڻ لاءِ لاڳاپيل عدالت ڏانهن رجوع ڪرڻ جي درخواست تي ڊي آءِ جي آپريشنز راولپنڊي کي 7 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بشرا بي بي جو وڪيل سردار لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيو.ايڊووڪيٽ لطيف کوسا پنهنجا دليل شروع ڪندي چيو ته 9 مئي جي ڪيسن ۾ بشرا بي بي کي به شامل ڪيو ويو آهي، هڪ ڪيس ۾ چيو ويو ته جاچ شروع ناهي ٿي، گرفتاري ٿيڻي آهي.جنهن تي جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته کوسا صاحب، 9 مئي کي ٻه سال ٿي ويا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جو اهو به فيصلو آيو آهي ته هڪ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل شخص کي سمورن ڪيسن ۾ گرفتار سمجهيو ويندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته هڪ ڪيس ۾ ضمانت يا بري ٿئي ته ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي.هن پڇيو ته 9 مئي جي ايف آءِ آر ڪٿي آهي؟ وڪيل لطيف کوسا جواب ڏنو ته سموريون 11 ايف آءِ آرز 9 مئي تي ٻڌل آهن.جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ڊي آءِ جي آپريشنز راولپنڊي کي 9 مئي تي طلب ڪري ڪيسن جي صورتحال بابت پڇاڻو ڪيو.بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي آءِ جي آپريشنز راولپنڊي کي 7 آگسٽ تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
مشهور خبرون










