ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ميٽا توانائي پليٽفارم سان هڪ معاهدو ڪيو آهي، جنهن تحت ڏهاڪي جي آخر تائين فيس بُڪ جي پيرنٽ ڪمپني جي ڊيٽا سينٽرن لاءِ خلا مان حاصل ڪيل شمسي توانائي فراهم ڪئي ويندي۔
Overview Energy اهڙو نظام تيار ڪري رهي آهي جيڪو خلا ۾ سج جي توانائي گڏ ڪري ان کي زمين تي موجود سهولتن ڏانهن منتقل ڪندو ته جيئن ڏينهن رات بجلي پيدا ڪري سگهجي۔ ڪمپنين موجب، هن نظام جي ابتدائي مدار ۾ نمائش 2028ع ۾ ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته 2030ع ۾ واپاري سطح تي بجلي جي فراهمي شروع ڪئي ويندي۔
رائٽر جي رپورٽ موجب هن معاهدي تحت ميٽا کي Overview جي نظام مان 1 گيگاواٽ تائين توانائي جي صلاحيت تائين ابتدائي رسائي ملندي۔ معاهدي جا مالي شرط ظاهر نه ڪيا ويا آهن۔
ميٽا ۾ توانائي ۽ پائيداري بابت نائب صدرنيٽ صحلاسٽارم Nat Sahlstrom چيو ته: “خلائي شمسي ٽيڪنالاجي هڪ انقلابي قدم آهي، جيڪا زميني ڍانچي کي استعمال ڪندي مدار مان نئين ۽ بنا رڪاوٽ توانائي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.”
ٻين وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين وانگر، ميٽا به ڊگهي مدي وارا توانائي جا معاهدا ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ استعمال ۽ ڊيٽا سينٽرن جي واڌ سبب آمريڪا جي موجوده بجلي نظام تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي۔ ٽيڪ ڪمپنيون ماحولياتي ۽ صارف تنظيمن جي تنقيد سبب نون توانائي ذريعن ڏانهن به رخ ڪري رهيون آهن۔
ميٽا آمريڪا ۾ ڪيترائي وڏا ڊيٽا سينٽر ٺاهي رهي آهي، جن مان هڪ لوئيزيانا جي ڳوٺاڻي علائقي ۾ آهي۔ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ موجب هن منصوبي تي لڳ ڀڳ 50 ارب ڊالر خرچ ايندو ۽ ان جو سائيزمينهيٽن جي وڏي حصي جي برابر هوندو۔
هي سوشل ميڊيا ڪمپني ا Vistra، Oklo ۽ TerraPower جهڙين ڪمپنين سان به شراڪت ڪئي آهي، جنهن سان اهو دنيا ۾ ايٽمي توانائي خريد ڪندڙ وڏين ڪارپوريٽ ادارن مان هڪ بڻجي ويو آهي۔










