اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستانين 11 مهينن ۾ فري لانسرز ايڪسپورٽ مان هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر ڪمائي ورتا.پاڪستاني فري لانسرز ڊيجيٽل اڪانومي ۾ نئون سنگِ ميل عبور ڪندي تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.پاڪستانين فري لانسرز ايڪسپورٽ مان 11 مهينن ۾ هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر ڪمايا آهن، هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ فري لانسرز ايڪسپورٽ ۾ 80 سيڪڙو واڌ ٿي. صرف مئي 2026ع ۾ فري لانسرز ايڪسپورٽ جي آمدني 16 ڪروڙ 90 لک ڊالر رهي، جڏهن ته مئي ۾ سالياني بنياد تي فري لانسرز ايڪسپورٽ ۾ 87 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي.










