ڊونلڊ بِلوم پاڪستان لاءِ امريڪا جو نئون سفير نامزد

ڊونلڊ بِلوم پاڪستان لاءِ امريڪا جو نئون سفير نامزد

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪا پاڪستان لاءِ ڊونلڊ اَرمين بلوم کي نئون سفير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽن سالن کان پاڪستان ۾ آمريڪا جو ڪو سفير نه رهيو آهي. مسٽر بلوم ڪابل ۾ به رهيو آهي پر ڪيريئر جو ڳڄ حصو هن ڪويت، بغداد، مصر، اسرائيل، تيونس، لبيا، فلسطين، اسرائيل ۽ ٻين ملڪن ۾ سفارتي ذميواريون نڀائي چڪو آهي.هو عربي ٻولي رواني سان ڳالهائيندو آهي. وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ سندس نامزدگي جو اعلان ڪيو ويو آهي. امريڪا ۾ سفيرن جي نامزدگي بعد حتمي منظوري سينيٽ ڏيندي آهي. هن کي اهڙي وقت ۾ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ بعد سندن حمايت يافتا حڪومت ختم ٿي وئي ۽ طالبان اقتدار تي قبضو ڪيو آهي. خطي ۾ چين جو اثر وڌي رهيو آهي. امريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات به ايترا سٺا نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو