ڊنمارڪ جي ڪمپني جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش

ڊنمارڪ جي ڪمپني جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊنمارڪ جي مشهور شپنگ ڪمپني مارسڪ پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو منصوبو متعارف ڪرايو آهي.شپنگ ڪمپني مارسڪ ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ هلندڙ مهيني هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪندا، جنهن کانپوءِ ڊنمارڪ جي شپنگ ڪمپني مارسڪ 2 سالن ۾ پاڪستان ۾ پورٽ ۽ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر تي 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي.ان حوالي سان سمندري معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ چيو ته ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ پروسيسنگ پلانٽس، فشريز سيڊز ۽ فيڊ تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، سامونڊي برآمدات لاءِ پروسيسنگ پلانٽس جي تعمير لاءِ زمين فراهم ڪئي ويندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بحري معاملن واري وزارت سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪاروباري برادري کي به فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ايس آءِ ايف سي جو هي قدم پاڪستان جي ميري ٽائيم ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ترقي جي عڪاسي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو