ڊرامي جو سفر حقيقي روپ ماڻي ورتو، سجل ۽ احد جو نڪاح

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي جي مشهور ڊرامي “يقين ڪا سفر” ۾ زال مڙس جو ڪردار ادا ڪندڙ جوڙي حقيقي معنيٰ ۾ شادي ڪري زندگي جو اصل سفر به شروع ڪري ڇڏيو. سجل علي ۽ احد رضا مير دبئي جي ضيا نوراني ٻيٽ تي نڪاح ڪري ڇڏيو آهي.

https://www.instagram.com/p/B9ve9lnFSU6/

جيڪو ڊيسٽينيشن ويڊنگ جي نالي سان به مشهور آهي. نڪاح جي تقريب سادگي سان منعقد ٿي جنهن م جوڙي جي ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي. گهوٽ سفيد شيرواني سان پڳڙي پائي آيو هو. جڏهن ته ڪنوار لال لباس ۾ هئي. نڪاح بعد سجل علي نالو مٽائي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي سجل احد مير رکي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو