ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جديد دور ۾ ڊجيٽل ڪرنسي جهڙي ٽيڪنالوجي مان فائدو ڇو نٿو ورتو وڃي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪِرپٽو ڪرنسي جي اجازت نه ڏيڻ تي اسٽيٽ بئنڪ تي ڪاوڙ جواظهار، وفاقي سرڪار، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايف آءِ اي کان 5 نومبر تائين جواب طلب، اسٽيٽ بئنڪ ڪرپٽو ڪرنسي کي غيرقانوني قرار نه ڏيڻ باوجود ڪرنسي کي لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپٽو ڪرنسي تي پابندي نه آهي، اُن کي ريگيولر ناهي ڪيو ويو، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته دُنيا جديد ٽيڪنالوجي ۾ گهڻو اڳتي نڪري وئي ۽ اسان اُتي ئي بيٺا آهيون، دُنيا ۾ ڪرپٽو ڪرنسي هلي رهي آهي ته پاڪستان ۾ بند ڇو؟ ڪرپٽو ڪرنسي کي اڃا تائين ريگيولر ڇو نه ڪيو ويو آهي؟ عدالت ڪرپٽو ڪرنسي بابت عالمي قانون به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










