ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊرائيور ڊبل ڪيبن گاڏي فٽ پاٿ تي ستل ماڻهن تي چڙهائي ڇڏي.پوليس موجب، اهو واقعو ڪراچي جي علائقي ڊيفنس فيز 6 بخاري ڪمرشل ۾ پيش آيو، جتي ڊرائيور ڊبل ڪيبن گاڏي فٽ پاٿ تي چڙهائي ڏني. پوليس ٻڌايو ته گاڏي فٽ پاٿ تي چڙهڻ سبب اتي ستل هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ سندس 4 سالن جو پٽ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابدار گاڏي سميت فرار ٿي ويو. فوت ٿيل شخص جي پٽ ٻڌايو ته هو ڪورنگي ناصر جمپ جا رهواسي آهن، سندس والد معذور هو ۽ ڪو ڪم ڪار نه ڪندو هو، هو 4 ڀائر گل وڪڻي گهر جو گذران ڪندا آهن.










