ڊاڪٽر ماها جي جاچ لاءِ ميديڪل بورڊ جوڙيو، والد

ڊاڪٽر ماها جي جاچ لاءِ ميديڪل بورڊ جوڙيو، والد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) درگاهه گرهوڙ جي گادي نشين سيد آصف شاهه خود ڪشي ڪندڙ پنهنجي نياڻي ڊاڪٽر ماها جي ڪيس ۾ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ ڪراچي ڏکڻ جي مقامي عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي. ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ داخل درخواست ۾ سيد آصف شاهه موقف اختيار ڪيو آهي ته پوليس ڊاڪٽر ماها جي واقعي کي آپگهات قرار ڏنو ۽ شاهديون به اُنهي حساب سان گڏ ڪيون ويون، ڊاڪٽر ماها جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر غلط رپورٽ ڏني آهي، تنهن ڪري واقعي جي هر رُخ ۾ جاچ لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي، درخواست ۾ ڊاڪٽر ماها جي قبر ڪُشائي، پوسٽ مارٽم ۽ وڌيڪ طبي معائني لاءِ اجازت ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو