ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ واڌ ٿي جڏهن ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 21 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 285 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي ڊالر 283 رپيا 79 پيسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 287 رپيا رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح منفي واپاري رجحان ڏٺو ويو جيڪو بعد ۾ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 46 پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ 40 هزار 47 تي اچي ويو آهي.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 40 هزار پوائنٽس تي بند ٿيو.










