ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته عوام تباهه ٿي ويو پر بي حس وزيراعظم کي ڪو خيال ناهي، هاڻ اها رات ڊگهي ناهي، سليڪٽڊ وزيراعظم جو وقت پورو ٿي چڪو آهي. ڊيرا غازي خان ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران نيازي! اڄ عوام جو سمنڊ توهان کي جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، پي ٽي آءِ اڄ تائين عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، 3 سال اڳ ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، تبديلي سرڪار ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ بيروزگاري ۽ مهانگائي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، ڪير چوندو هو ڊالر وڌي ته سمجهو وزيراعظم چور آهي؟ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پي ٽي آءِ جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن جي تصديق ڪئي آهي ۽ گذريل ٽن سالن ۾ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته عوام حڪمرانن مان ڇوٽڪاري لاءِ مولانا فضل الرحمان جي ليڊر شپ ۾ گهرن مان نڪري، اسان گڏجي مهانگائي ۽ ظالم حڪومت خلاف مارچ ڪنداسين. ان کان اڳ هو جڏهن ڊي جي خان پهتو ته ليگي ڪارڪنن مٿس گلن جي ورکا ڪري آڌر ڀاءُ ڪيو.










