لاهور(ويب ديسڪ) هنڊا موٽر سائيڪلن جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪمپني واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ ڊالر جي قيمت گهٽ ٿي رهي آهي ۽ روپئي جي مُلهه ۾ واڌ ٿي رهي آهي پر پوءِ به ڪمپني قيمت ۾ واڌ پئي ڪري. نيون قيمتون پهرين اپريل کان لاڳو ٿينديون. سي ڊي 70 هنڊا موٽر سائيڪل جي قيمت ۾ 1000 روپيا واڌ ڪئي وئي آهي ۽ نئين قيمت 82 هزار 900 مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سي جي 125 جي قيمت ۾ 1600 روپيا واڌ بعد نئين قيمت هڪ لک 36 هزار 500 مقرر ڪئي وئي آهي. هلندڙ مالي سال جي 8 مهينن ۾ ڪمپني 8 لک 36 هزار 46 موٽر سائيڪلون وڪرو ڪيون آهن جڏهن ته گذريل سال ان عرصي دوران 7 لک 194 يونٽ وڪرو ڪيا هئا.










