ڊالر بي قابو، 2 رپيا 22 پئسا مهانگو ٿي 188 رپيا 50 پئسا ٿي ويو

ڊالر بي قابو، 2 رپيا 22 پئسا مهانگو ٿي 188 رپيا 50 پئسا ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڊالر 2 رپيا 22 پئسا مهانگو ٿي 188 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر بي قابو ٿي ويو آهي ۽ واپار دوران ڊالر 2 رپيا 22 پئسا مهانگو ٿي 188.35 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 188.50 رپين جو ٿي ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ 100 انڊيڪس 208 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 43903 جي سطح تي آهي. ملڪ ۾ ڊالر 4 مارچ کان وٺي 11 رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ هن وقت تائين رپئي جي قدر ۾ 19.50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو