واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير جي ملاقات تي ردعمل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته ملاقات بابت ڪا خاص ڄاڻ ناهي، پاڪستاني عملدارن سان باقاعده ملاقاتون ڪندا آهيون.هن چيو ته اهي ملاقاتون اهم آهن، هو سمجهن ٿا ته مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان نه رڳو آمريڪا پر خطي جي مفاد ۾ آهي.ياد رهي ته پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم گذريل ڏينهن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار آمريڪي سفير کي آءِ ايم ايف جي قرضن جي وصولي پروگرام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي آمريڪي سفير ڀرپور سهڪار جو واعدو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.










