ڇڪتاڻ باوجود پيٽروليم شين جي فراهمي برقرار، برآمدات ۾ رڪارڊ اضافو

ڇڪتاڻ باوجود پيٽروليم شين جي فراهمي برقرار، برآمدات ۾ رڪارڊ اضافو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي باوجود، پيٽروليم شين جي سپلاءِ چين برقرار رهي.هڪ بيان ۾ محمد اورنگزيب چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جي باوجود، پيٽروليم شين جي سپلاءِ چين برقرار رهي ۽ ملڪ جي برآمدات ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو، برآمدات ۾ ساليانو 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، ۽ ترسيلات مسلسل وڌي رهيون آهن.ٻئي طرف، پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي قيمتن ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي، ۽ هو مشڪل وقت ۾ سعودي حڪومت جي تعاون تي شڪرگذار آهي.هن وڌيڪ چيو ته پيٽروليم شين جي صورت ۾ عوام کي اربين رپيا سبسڊي طور ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو