ڇور واهه جي پڃڙي تي پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

ڇور(رپورٽ سروپ سنگهه) ڇور واھ جي پڇڙي ۾ واري جو ھلندڙ پاڻي نه پھچڻ خلاف سوين ھارين زميندارن ۽ آبادگارن جو پريس ڪلب کان شھر جي مين بازار کان ٿيندي ڇور عمرڪوٽ باء پاس روڊ جي مين چوڪ تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. جلوس ۾ شامل ماڻهن پاڻي نه پھچڻ بابت سخت نعريبازي ڪئي ۽ 3 ڪلاڪن تائين ڇورعمرڪوٽ باء پاس روڊ تي ڌرڻو ھنيو ۽ روڊ بلاڪ ڪيو. جنھن سبب مختلف شھرن ڏانھن ويندڙ ٽرئفڪ معطل رھي. ان موقعي تي مظاھرين ڏيراورسنگھ، انور سوڍو، نوازعلي نھڙي، سلطان ڀنڀرو، پرٿوي سوڍو، وجندرسنگھ ۽ ٻين چيو تي ڇور واھ جي پڇڙي ۾ گذريل 6 مھينن کان مٿي وقت ٿيڻ باوجود واري جي پاڻي جو ھڪ  ڦڙو به نه اچڻ ڪري اسان جي ھزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آھي، آبادگار ۽ ھاري ڪنگال ٿي ويا آھن. ھنن وڌيڪ چيو تي ڇور واھ ۾ گذريل پنجن ڏينھن کان واري جو پاڻي ھلي پيو پر اھو پاڻي منڊ جي واٽرڪورسن تائين وھي پيو، پڇڙي جي 20 واٽرڪورسن تائين ھڪ ڦڙو به نه پھتو آھي، جنھن ڪري اسان سخت پريشان آھيون. ھنن چيو تي چار ڏينھن کان احتجاج ڪري رھيا آھيون پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاء تيار نه آھي، جيڪا اسان پڇڙي جي آبادگارن سان وڏي ناانصافي آھي، پاڻي نه ڏنو ويو تي احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو