ڇا هاڻي انصاف هٿيارن ۽ غليلن سان ملندو؟ مريم

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته کيس عدالتون مسلسل سڏائي رهيون آهن پر هو پيش نه ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان اڄ عدالت وڃي رهيو آهي جتي مٿس توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي، هو 18 آگسٽ 2022 کان عدالتن ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 18 آگسٽ، 21 آڪٽوبر، 7 جنوري، 31 جنوري، 24 فيبروري، 9 مارچ ۽ 13 مارچ تي پيش نه ٿيو ۽ کيس حاضري کان ڇوٽ ملي، جنهن بعد 13 مارچ تي هن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌائي ٿو ته مون وٽ گرفتاري کان اڳ جي ضمانت ٿيل آهي، جيڪو ڪوڙ آهي. ڪنهن مهل چوي ٿو ته منهنجي جان کي خطرو آهي، مان معذور آهيان، بزرگ آهيان، بيمار آهيان جنهن سبب پيش نه ٿي سگهيس. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن وٽس حفاظتي ضمانت هئي ته پوءِ بيمار ۽ معذور جو بهانو ڇو پيو ڪري؟ جڏهن پوليس کيس گرفتار ڪرڻ آئي ته کيس حفاظتي ضمانت ڏيکاري ها. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان اڄ عدالت ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي نمائندن، لٺين، غليلن ۽ پٿرن سان گڏ پيش ٿي رهيو آهي، مقبول عوامي ليدر ايئين نه ڪندا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ ائين نٿو ٿي سگهي ته توهين عدالت جي سزا ڏني وڃي پر ان ئي عدالت جو حڪم مڃرائڻ لاءِ ويندڙ پوليس تي حملا ڪيا وڃن ۽ حملي ڪندڙن کي رليف ملي وڃي، ائين ٿيڻ سان رياست جي ڪا حيثيت نه رهندي. هن چيو عمران خان آئين ٽوڙڻ ۽ ملڪي مفادن سان کيڏڻ کان به نٿو ڊڄي. عمران هٿيار ۽ غليلون کڻي عدالت ٿو وڃي، ڇا هاڻي انصاف هٿيارن سان ملندو؟

پهنجو تبصرو موڪليو