ڇا نئين حڪومت عوام کي رليف ڏئي سگهندي؟

ڇا نئين حڪومت عوام کي رليف ڏئي سگهندي؟

ليکڪ عبدالااحد گھڃو
اسان جو ملڪ پاڪستان جڏهن کان وٺي وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان ڪيترن ئي مسلن جو شڪار رھيو آهي ـ اسان جي ملڪي سياست جا ھر دور ۾ نيان ۽ ناقابل يقين رنگ ڏسڻ ۾ مليا آهن ـ پاڪستان دنيا ۾ ھڪ واحد ملڪ رھيو آهي جنھن جي ٺھڻ کانپو۽ ملڪي آئين ايندي ايندي پورا نوَ سال لڳي ويا ھئا ۽ شروع واري وقت ۾ ٻيو سياسي ڀونچال به اچي ويو ـ سياسي پارٽين جا پاڻ ۾ به اختلافات چوٽ تي چڙهي ويا ڪيترائي ڀيرا ملڪ جا وزيرآعظم تبديل ٿيندا رھيا ۽ صدر ۽ گورنر به پنهنجي ڪرسي تي گهڻو وقت ويھي نه سگھيا جنهن جي ڪري آرمي ملڪ تي قابض ٿي وئي ۽ مارشلائون لڳنديون رھيون ۽ بين الاقوامي طاقتن جو به اثر اسان جي ملڪ مٿان رھيو جنهن جي ڪري ملڪ جي ترقي جو ٻيڙو شروع ۾ ئي صيحيح طريقي سان تري نه سگھيو ـ جڏهن ڪنهن ملڪ جي شروعات اھڙي ٿيندي ته ڇا انهن ملڪن لاِ اڳتي وڌڻ آسان ڪم ھوندو ؟ اسان جي ملڪ تي ٻن وڏين پارٽين گهڻو وقت حڪومت ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي پيپلز پارٽي ۽ پنجاب جي ن ليگ آهي ـ پر افسوس انهن ٻنهي پارٽين تي به ڪافي دفعا ڪرپشن جا چارجز لڳائي انهن کي حڪومت کان ھٽايو ويو آهي انهن بنھين پارٽين پنهنجي دور ۾ ڪافي ڪم به ڪرايا ۽ ملڪي ترقي ۾ ڪردار به ادا ڪيو پر وري به ڪٿي ڪٿي پنهنجي ذاتي مفعادات کي به ترجيح ڏنائون جنهن جي ڪري اھي پنهنجي حڪومت پوري نه ڪري سگھيا ـ ويجهي ماضي ۾ پيپلز پارٽي صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ پنهنجي حڪومت جو دور وڏي ڪاميابي سان پورو ڪيو ۽ بعد ۾ ميان نواز شريف جي دور ۾ ن ليگ به پنهنجو وارو وڄائي وئي ـ پر انهيَ دور کان پي ٽي آ۽ حڪومت زور وٺي اڳتي اچي وئي ۽ عمران خان صاحب پنهنجي بھترين تقريرن زريعي عوام جا دل کٽي ورتا ۽ انهن کي لڳو ته ھي ملڪي سياست جي ميدان ۾ نئون رانديگر آهي جيڪو سياست ۾ ايندي ئي تباھي مچائي ڇڏيندو ۽ ائين ئي ٿيو جو عمران خان صاحب 2018 ۾ ملڪ جو واڳون سنبھاليون ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پھريون رانديگر وزير آعظم ٿي ويو ـ عمران خان صاحب ملڪي اقتدار سنبھالڻ کانپو۽ ڪافي پلان جوڙيا ۽ ھن اينٽي آمريڪي پاليسي کي فالو ڪيو ـ عمران خان صاحب پنهنجي وقت ۾ اسلامي ڪانفرنسون ڪوٺايون ۽ ملڪ کي رياست مدينا جي طريقي مطابق ھلائڻ جي ڪوشش به ڪئي پر افسوس خان صاحب ملڪي مھانگائي جو ايترو ته وڏو طوفان کڻي آيو جنهن جي ڪري ملڪي عوام وڏي عذاب ۽ دلدل ۾ ڦاسي پئي جنهن مان نڪرڻ عوام لاِ نا ممڪن بڻجي ويو ـ وقت گذرڻ سان گڏ عوام جي پريشانين کي ڏسي اپوزيشن پارٽيز کي موقعو ملندو ويو ۽ انهن صحيح موقعي تي عمران خان جي حڪومت خلاف گڏ ٿي ڪري وار ڪري ڏنو ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ ھلچل ۾ اچي وئي ۽ خان صاحب تي آخر ڪار ايترو پريشر پئجي ويو جو ھو مجبور ٿي ڪري اسيمبليون ٽورڙي ڇڏيائين ۽ اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيائين پر اپوزيشن جو موقعف وڌيڪ مظبوط ڏسڻ ۾ آيو جنهن جي ڪري فيصلو سپريم ڪورٽ تائين وڃي پھتو ۽ سپريم ڪورٽ به عمران خان جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ اسيمبليون ٻيھر بحال ڪري ڇڏيائين ۽ آرڊر ڏنائين ته عدم اعتماد جي ووٽنگ قومي اسيمبلي ۾ ڪئي وڃي ۽ آخر ڪار سڄو ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وڏيون وڏيون تقريرون ھلنديون رھيون اجلاس ڪھڙي محل ملتوي ته ڪھڙي محل جاري رھيو ۽ ايئن آخر ۾ عدم اعتماد جو فيصلو رات جو دير سان اچي ويو جنهن ۾ عمران خان صاحب کي شڪست ٿي ۽ ملڪ ۾ ھاڻي نئين وزيراعظم جي چونڊ ٿيندي پر اپوزيشن وارن پنهنجو وزيرآعظم ميان شھباز شريف کي منتخب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ھو ھاڻي ملڪ جو نئون وزير اعظم آهي جنهن وٽ سڄي ملڪ جو اقتدار حاصل ھوندو ميان شھباز شريف تاريخ ۾ پھريون دفعو ملڪ جو وزير آعظم بڻجندو ان کان اڳ ۾ ھو پنجاب جو وزيراعلي رھي چڪو آهي ھاڻي ڏسجي اھو ته ڇا اسان جو نئون وزيراعظم عمران خان صاحب واريون غلطيون ورجائي ٿو ؟ يا وري عوام کي مھانگائي جي طوفان مان ٻاھر ڪڍي انهن کي ھر قسم جو رليف ۽ چين واري زندگي ڏئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو