اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)باني پي ٽي آءِ عمران خان جي اسپتال منتقلي ۽ ذاتي معالجن تائين رسائي بابت اهم اندروني تفصيل سامهون اچي ويا آهن۔
جيو نيوز پارٽي ذريعن موجب بئريسٽر گوهر، عليمه خان سان رابطو ڪيو ۽ 14 فيبروري تي چيو ته ٻن ڊاڪٽرن جا نالا ڏيو، ته جيئن کين جيل ۾ خان جي معائني جي مشاهدي لاءِ موڪليو وڃي.
رپورٽ موجب عليمه خان ڊاڪٽرن کي جيل موڪلڻ جي مخالفت ڪئي ۽ عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ تي زور ڀريو۔
ذريعن ٻڌايو ته عليمه خان پي ٽي آءِ جي ڌرڻن دوران سڀني معاملن کان باخبر رهي ۽ مرڪزي اڳواڻن سان لڳاتار رابطي ۾ هئي۔ بعد ۾ هڪ ٻئي رابطي ۾ بئريسٽر گوهر کيس آگاهه ڪيو ته حڪومت عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔
پارٽي ذريعن موجب عليمه خان عمران خان جي اسپتال منتقلي لاءِ قاسم زمان تي اعتراض ڪيو ۽ لڳاتار ڊاڪٽر نوشيروان برڪي جي نالي تي زور ڀريندي رهي، جڏهن ته ان معاملي تي هڪ ڪانفرنس ڪال به ڪئي وئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا مرڪزي اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني پارٽي ان ڳالهه تي متفق هئي ته عليمه خان جي طرزِ عمل سبب عمران خان کي اسپتال منتقل نه ڪيو ويو.
ٻئي پاسي اياز صادق ۽ محسن نقوي لڳاتار پي ٽي آءِ قيادت سان رابطي ۾ رهيا، جڏهن ته وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سُهيل آفريدي عمران خان جي علاج بابت ذاتي طور لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ هئا۔










