چين 3 بجلي گهر مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ تي راضي

چين 3 بجلي گهر مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ تي راضي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) چين پاڪستان ۾ امپورٽيڊ ڪوئلي تي هلندڙ 3 وڏن بجلي گهرن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙي خاطري تازو بيجنگ جي دوري دوران ناڻي واري وزير ارونگزيب خان ۽ توانائي واري وزير سردار اويس خان لغاري کي ڪرائي وئي آهي ۽ ان ڏس م معاهدن تي صحيحون به ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب پورٽ قاسم پلانٽ 1320 ميگا واٽ، حبڪو پاور پلانٽ 1320 ميگا واٽ ۽ ساهيوال ڪول پلانٽ 1320 ميگا واٽ شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان کي ڏنل قرض ريشيڊول ڪرڻ ۽ پانڊا بانڊز ۾ سيڙپڪاري جي خاطري به ڪرائي آهي. ياد رهي ته هڪ ميگا واٽ في ڪلاڪ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ 364 کان 500 ڪلوگرام ڪوئلو استعمال ٿيندو آهي. چين پاران مٿي ڄاڻايل 3 پاور پلانٽ جيڪي 3960 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪن ٿا انهن جي مقامي ڪوئلي تي منتقل ٿين سان پاڪستان کي سستي بجلي مهيا ٿيندي ۽ امپورٽ بل گهٽجڻ سبب پرڏيهي ناڻو به بچي سگهندو. 1320 ميگا واٽ جو هڪ پلانٽ سال ۾ ساڍا 46 لک ٽن کان وڌيڪ ڪوئلو استعمال ڪندو آهي جنهن سان 30 کان 40 لک گهرن جي بجلي جي گهرج پوري ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو