چين پاران پاڪستاني خلاباز مشن ۾ شرڪت جو اعلان

چين پاران پاڪستاني خلاباز مشن ۾ شرڪت جو اعلان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين ۽ پاڪستان خلائي تعاون ۾ تاريخي ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي ، چيني سرڪاري ميڊيا موجب، چين پاڪستاني خلابازن جي مشن ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آهي.چيني سرڪاري ميڊيا چيو ته پاڪستاني خلاباز مختصر عرصي لاءِ پيل لوڊ ماهرن جي طور تي مشن ۾ حصو وٺندا.چيني ميڊيا موجب، پاڪستاني خلابازن جي شرڪت خلائي اسٽيشن جي وچولي مدت جي منصوبي جي مطابق آهي، جنهن دوران پاڪستاني خلاباز چيني خلابازن سان تربيت حاصل ڪندا.ان کان علاوه، گڏيل تربيت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خلائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو