بيجنگ(ويب ڊيسڪ)سوئيزرلينڊ ۾ قائم مختلف موضوعن بابت ٿيندڙ تحقيق جا پيپرز شايع ڪرڻ واري وڏي اداري فرنٽيئرز موجب چين هاڻي ”سائنسي تحقيقاتي پيپرز جي اشاعت ۽ ريسرچ آئوٽ پُٽ ۾ عالمي اڳواڻ“ بڻجي چڪو آهي. فرنٽيئرز (Frontiers) جي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر فريڊ فنٽر جو چوڻ آهي ته سيلڪون ويلي ۽ آمريڪا جون وڏيون يونيورسٽيون جيڪي سائنس جي مستقبل کي شڪل ڏينديون هيون، شايد انهن ڏينهن جو خاتمو اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻته چين نه صرف ريسرچ آئوٽ پُٽ ۾ آمريڪا کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي پر ڪجهھ اڳواڻ سائنسي شعبن ۾ به سبقت حاصل ڪري رهيا آهن. فنٽر چيو ته: “جڏهن مون ڊجيٽل سائنس جي ڊيمنشنز ڊيٽابيس جو جائزو ورتو، مون کي چين ۽ آمريڪا جي ريسرچ آئوٽ پُٽ ۾ وڌندڙ فاصلو صاف نظر آيو. 2024 تائين، چيني محققن 11 لک (1.1 ملين) علمي مقالا شايع ڪيا، جڏهن ته آمريڪي محققن جا آرٽيڪل لڳ ڀڳ 8 لک 80 هزار (880,000) هئا.” هن چيو ته جڏهنآمريڪا کي روايتي طور تي ميڊيڪل ريسرچ ۾ اڳواڻ سمجهيو ويندو آهي، تازين اشاعتي رجحانن هڪ مختلف تصوير پيش ڪئي آهي. چين–سنگاپور ٽيم جي نينو ويڪسين جانورن تي تجربن ۾ ڪينسر جي واپسي ۽ ڦهلاءَ کي ختم ڪرڻ جو تجربو ڪامياب ويو آهي. فنٽر موجب: “2023 ۾ ميڊيڪل شعبن جي تحقيقاتي مقالن ۾ چين جو حصو 40 سيڪڙو هو، جيڪو 2024 ۾ وڌي 50 سيڪڙو کان مٿي پهچي ويو.” دنيا جا ڪجهه ٻيا ماهر به اها ڳالهه تسليم ڪن ٿا ته ميڊيڪل ۽ خاص ڪري ڪينسر جي شعبي ۾ چين وڏي اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي پر اصل سوال مقالن جي مقدار نه پر تحقيق جي معيار جو به هوندو آهي. ڪيترن ئي ٻين تحقيقاتي شعبن ۾ آمريڪا اڃا به اڳتي آهي. سندن موجب جيڪڏهن اهو رجحان مستقبل ۾ جاري رهيو ته چين آمريڪا کي پوئٽي ڇڏي سگهي ٿو.










