اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ چين جي صوبي شانشي ۾ زراعت، توانائي ۽ کاڻين جي شعبن ۾تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزير مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف صوبائي گادي واري شهر شي آن ۾ پارٽي سربراهه جائو اِيدا، وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. شهباز شريف چيو ته هو شي آن جي قيادت ۽ عوام جي شاندار استقبال تي شڪر گذار آهي، چين جي شهر شي آن ۾ تاريخي ماڳن جي حفاظت ڪرڻ تي چيني ڪاريگرن جي صلاحيتن کان متاثر ٿيو آهيان. چين ۾ اسانجي وفد جو وڏي پيماني تي آڌر ڀاءُ ڪرڻ تي شڪر گذار آهيان. هن چيو ته ڪالهه چيني صدر سان بهترين ملاقات ٿي، ٻئي ملڪ هڪٻئي جا دوست آهن، چين هر بري وقت ۾ پاڪستان جي سدائين مدد ڪئي آهي، اسين شڪر گذار آهيون. هن چيو ته شانشي صوبو جديد زراعت ۽ گرين انرجي بابت پوري دنيا ۾ مشهور آهي.چين جي ترقي پسند سوچ رکندڙ قيادت جي پاليسين ۽ محنت سبب چين معاشي ترقي ڪئي آهي. چيني اڳواڻ ٻڌايو ته سندس صوبي شانشي جي يونيورسٽين ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني شاگرد پڙهن پيا.
جنگي ميوزيم جو دورو
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف چيني صدر جي دعوت تي چين جي تاريخي ورثي واري ٽيرا ڪوٽا جنگي ميوزيم جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چين جا اعليٰ عملدار به ساڻس گڏ آهن، ان کان علاوه پاڪستاني ڪابينا جا ميمبر به شهباز شريف سان گڏ هئا. وزيراعظم شهباز شريف ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو.
سولر ڪمپني کي مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چين ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي سولر پينل ٺاهيندڙ ڪمپني لونجي گرين انرجي ٽيڪنالاجي، صدر صدر سان ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير کي پاڪستان جي سولر انرجي جي صلاحيت بابت بريفنگ ڏني وئي، اويس لغاري چيو ته پاڪستان انرجي ميڪس ۾ قابل تجديد توانائي جو تناسب تيزي سان وڌي رهيو آهي. هن چيو ته چيني ڪمپني جي صدر پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي فروغ لاءِ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. بيان موجب توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيني ڪمپني کي پاڪستان ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت به ڏني.










