چيني ويڪسين جا پاڪستان ۾ انسان تي ٽرائل شروع

چيني ويڪسين جا پاڪستان ۾ انسان تي ٽرائل شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پڏرو ڪيو آهي ته چين ۾ ڪورونا وائرس جي تيار ڪيل ويڪسين جي ٽئين مرحلي ۾ انسانن تي ٽرائل پاڪستان ۾ شروع آهن. جن ۾ 8 کان 10 هزار رضا ڪارن تي ٽرائل ڪيا ويندا. پاڪستان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سروس (اين آءِ ايڇ) ۽ ويڪسين تيار ڪندڙ چيني ڪمپني ۾ ٿيل معاهدي هيٺ هي ٽرائل ڪيا پيا وڃن. هن ويڪسين جي ٻن مرحلن جا ٽرائل چين ۾ ٿي چڪا آهن. منصوب بندي جي وزير اسد عمر چيو هو ته دنيا جي 7 ملڪن ۾ 40 هزار ماڻهن تي ان ويڪسين جا ٽرائل ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ 8 کان 10 هزار ماڻهون ٽرائل ۾ حصو وٺندا.

پهنجو تبصرو موڪليو