چيني فوجي پريڊ، جديد هٿيارن جي نمائش، دنيا لاءِ اهم پيغام

چيني فوجي پريڊ، جديد هٿيارن جي نمائش، دنيا لاءِ اهم پيغام

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين پاران ٻئي عالمي جنگ ۾ جاپان کي شڪست ڏيڻ جي 80 هين ياد جي موقعي تي فوجي پريڊ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين مار ڪندڙ ميزائيلن، ليزر هٿيارن، روبوٽڪ بگهڙن ۽ سمنڊ اندر دشمن کي سبق سيکارڻ وارن ڊرونز، راڊار تي نظر نه ايندڙ جنگي جهازن سميت جديد هٿيارن جي نمائش به ڪئي وئي. ان موقعي تيروس جو صدر ولاديمر پيوٽن ۽ اتر ڪوريا جو صدر ڪم جونگ ان، ملائيشيا جو اڳواڻ انور ابراهيم۽ وزيراعظم شهباز شريف سميت دنيا جي 26 ملڪن جي سياسي ۽ فوجي قيادتن شرڪت ڪئي. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته 10 سالن بعد ٿيندڙ فوجي پريڊ ۾ خلائي، فضائي، زميني ۽ سامونڊي جديد فوجي هٿيارن جي نمائش دنيا لاءِ پيغام آهي ته چين ڪنهن به جديد هٿيارن واري ملڪ کان پوئتي ناهي ۽ خاص ڪري آمريڪا جيڪو تائيوان جي مسئلي تي چين کي ڌمڪائي رهيو آهي تنهن لاءِ به وڏو پيغام آهي. 50 هزار کان مٿي ڪرائوڊ پريڊ جو معائنو ڪيو. تصويرون ٺاهيون ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون. ان موقعي تي صدر شي جن پنگ خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ چيني اڀار کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، ڪير به ڌمڪائي نٿو سگهي. هن چيو ته اسين دنيا ۾ امن چاهيون ٿا ۽ گڏيل تعاون لاءِ تيار آهيون، اسين دنيا ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ٿيڻ نه ڏينداسين ته ڪو به طاقتور ملڪ ڪمزورن کي جهڪائي ڇڏي. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته شي جن پنگ، صدر پيوٽن ۽ ڪم جونگ ان جيڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏ نظر آيا، تن آمريڪي بالادستي کي چيلينج ڪندي اهو پيغام ڏنو آهي ته دنيا ۾ آمريڪي بالادستي قبول ناهي ۽ چين نئين نيو ورلڊ آرڊر جو متبادل فورم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو