بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين دنيا جو انوکو ملٽي پرپز يعني گهڻ مقصدي ڊرون ٺاهيو آهي جيڪو ايندڙ مهيني پهرين مشن تي روانو ٿيندو. هن ڊرون جهاز کي ’جيو تيان‘ (Jiu Tian) جو نالو ڏنو ويو آهي. چيني ميڊيا مطابق، ’جيو تيان‘ ڊرون پهريون ڀيرو نومبر 2024 ۾ زوهائي ايئر شو دوران عوام آڏو پيش ڪيو ويو هو. هي هڪ جيٽ انجڻ سان هلندڙ، ڊگهي مفاصلي تي اڏام ڀرڻ وارو بنا پائلٽ ڊرون آهي، جيڪو 15 هزار ميٽر (50 هزار فوٽن) جي اونچائيءَ تي اڏامي سگهي ٿو ۽ 7 هزار ڪلوميٽر تائين سفر طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
https://x.com/XH_Lee23/status/1924092133226733796
هي ڊرون هڪ هزار ڪلوگرام جي وزن سان گڏ اڏامي سگهي ٿو. هن ۾ 100 ننڍا خوڪش ڊرون رکي سگهجن ٿا جيڪي فائر ٿيڻ بعد دشمن جي مختلف ٽارگيٽس کي هڪ ئي وقت نشانو بڻائي دشمن جي دفاعي نظام کي متاثر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا. هي نظام ’سوارمنگ‘ جي تحت ڪم ڪري ٿو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڊرونز هڪ ئي وقت دشمن تي حملو ڪن ٿا. ’جيو تيان‘ ۾ 8 هارڊ پوائنٽس موجود آهن، جن تي مختلف قسمن جا هٿيار ۽ سينسر لڳائي سگھجن ٿا۔ هي ڊرون انٽيليجنس، نگراني، جاسوسي، اليڪٽرانڪ جنگ، هنگامي امداد، سرحدي ۽ سامونڊي دفاع، سمنڊ جي نگراني ۽ زميني وسيلن جي تحفظ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. هن ڊرون کي چين جي سرڪاري ايروسپيس ڪمپني ’ايي وي آءِ سي‘ (AVIC) ڊزائين ڪيو آهي. ’جيو تيان‘ جي ڪارگو حصي جو ماڊيولر ڊزائين هن ڊرون کي مختلف قسمن جي مشنز لاءِ موزون بڻائي ٿو.










