چيئرمين پي سي بي لاءِ ٻهه نالا موڪلڻ جو امڪان

چيئرمين پي سي بي لاءِ ٻهه نالا موڪلڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين شپ لاءِ ذڪا اشرف ۽ مصطفيٰ رمدي جا نالا موڪلڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اڄ پي سي بي بورڊ آف گورنرز لاءِ 2 نالن جي منظوري ڏيندو.وزيراعظم جي ٻن نالن سان بورڊ آف گورنرز جو انگ 10 ٿي ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ آف گورنرز ۾ 4 ڊپارٽمينٽ ۽ 4 ايسوسي ايشن ميمبر شامل ٿيندا.وزيراعظم پاران 2 نامزدگين کانپوءِ چيئرمين پي سي بي جي چونڊ ڪئي ويندي.چيف اليڪشن ڪمشنر پي سي بي اليڪشن شيڊول جاري ڪندو، چيئرمين پي سي بي جي چونڊ هلندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين مئنيجمينٽ ڪميٽي نجم سيٺي جو مدو 21 جون تي ختم ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو