اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان مطالبو ڪيو آهي ته چيئرمين نيپرا جيڪڏهن رڪارڊ نه ڏيڻ چاهي ته استعيفيٰ ڏئي.پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ڊويزن جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو.چيئرمين ڪميٽي نور عالم خان ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ته پاور ڊويزن 90 ارب رپيا وصول ڪيا آهن، 161 ارب رپيا باقي آهن، ان معاملي تي پاور ڊويزن ۽ آڊٽ کي ساراهيون ٿا.آڊٽ عملدارن چيو ته اوگرا، نيپرا ۽ فريڪوئنسي ايلوڪيشن بورڊ اسان کي رڪارڊ فراهم نه ڪري رهيا آهن.چيئرمين اوگرا چيو ته آڊٽ ٽيمون باقاعدگي سان آڊٽ ڪرڻ لاءِ اچن ٿيون.چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نور عالم خان کين هدايت ڪئي ته توهان آڊيٽر جنرل کي رڪارڊ ڏيڻ جا پابند آهيو، هر ڪنهن کي آڊٽ ڪرائڻي آهي، ايندڙ اڱاري تائين سمورو آڊٽ رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، بل پاس ٿي چڪو آهي، هاڻي هو ڪنهن کان پگهار نه وٺندا. چيئرمين نيپرا چيو ته نيپرا جو آڊٽ مڪمل ٿي چڪو آهي.چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نور عالم خان کين هدايت ڪئي ته نيپرا کي رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، آئين موجب هر سرڪاري ادارو آڊٽ ڪرڻ جو پابند آهي.ڪميٽي ميمبر برجيس طاهر سوال ڪيو ته نيپرا عدالت ۾ ڪنهن جي خلاف حڪم نامو ورتو آهي؟ ڪنهن تي ڪيس داخل ڪيو اٿئي؟ چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نور عالم خان چيو آهي ته سي پيڪ خلاف ڪو به ناهي، نيپرا کي هاءِ ڪورٽ مان درخواست واپس وٺڻ گهرجي، جيڪو رڪارڊ نه ڏيڻ چاهي ته استعيفيٰ ڏئي، چوڌري نثار پنهنجي گهر هليو ويندو، چيئرمين نيپرا پي اي سي جو چيئرمين هجي ها. نيپرا رڪارڊ نه ڏيڻ چاهي ته استعيفيٰ ڏئي، هو وزيراعظم کي پنهنجي عهدي کي ٻيهر اشتهار ڏيڻ جو مطالبو ڪندو.










