اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي وزيراعظم جي اميدوار جو نالو فائنل ڪري ڇڏيو آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ اندروني ردوبدل جي تناظر ۾، پيپلز پارٽي وزيراعظم جي عهدي لاءِ چوڌري ياسين جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن موجب، چوڌري ياسين جي نالي جو اعلان بلاول ڀٽو زرداري زرداري هائوس ۾ ڪيو، ذريعن موجب، پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي قيادت به ان موقعي تي موجود هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي وزيراعظم جي عهدي لاءِ چئن نالن تي غور ڪيو، جنهن ۾ چوڌري ياسين، لطيف اڪبر، فيصل ممتاز راٺوڙ ۽ سردار يعقوب جا نالا شامل هئا، ذريعن موجب آزاد ڪشمير جي وزيراعظم انوارالحق خلاف بي اعتمادي جي رٿ سڀاڻي آزاد ڪشمير اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي.










