چونڊون عمران خان جي مطالبي تي نه وقت تي ٿينديون: بچاءَ وارو وزير

چونڊون عمران خان جي مطالبي تي نه وقت تي ٿينديون: بچاءَ وارو وزير

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته چونڊون عمران خان جي مطالبي تي نه پر 2023ع ۾ وقت تي ٿينديون،خواجا آصف چيو ته عمران خان جي حڪمت عملي اسٽيبلشمينٽ کي تباهه ڪرڻ آهي، جڏهن کان بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي آهي، هو چاهين ٿا ته اسٽيبلشمينٽ ساڻس گڏ رهي،هن چيو ته 2023ع ۾ چونڊون عمران خان جي مطالبي تي نه پر وقت تي ٿينديون،هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي گرفتاري قانوني معاملو آهي، سمورا ڪيس قانون موجب هلڻ گهرجن، اڄ عدليه سميت سڄي دنيا نواز شريف جي نااهلي جي ڳالهه ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو