’چولستان رٿا جا سنڌ ۽ سرائڪي بيلٽ لاءِ ڀيانڪ نتيجا نڪرندا‘

’چولستان رٿا جا سنڌ ۽ سرائڪي بيلٽ لاءِ ڀيانڪ نتيجا نڪرندا‘

اسلام آباد(خصوصي رپورٽ) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) پاڪستان جي ڪمزور وفاق کي وڌيڪ نقصان پهچائيندي. هن اداري کي ڪرپٽ سياستدانن ذاتي مفادن خاطر قانوني ۽ آئيني حيثيت ڏئي ون يونٽ پلس جي صورتحال پيدا ڪئي آهي، جيڪا وفاق پاڪستان جي سڀني فيڊريٽنگ يونٽس جي مفادن جي خلاف آهي. اهڙو اظهار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين سيد زين شاهه ’لِونگ ايڪولاجي آف انڊس ڊيلٽا، جيو اڪنامڪ اينڊ انوائرنمينٽل پراسپيڪٽس‘ جي عنوان سان منعقد ڪيل پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ 1991 جي پاڻي واري معاهدي تي پهرين ڏينهن کان عمل ناهي ٿيو ۽ جيترو پاڻي ان معاهدي ۾ دستياب ڏيکاريو ويو هو اڄ تائين ان مطابق پاڻي جي ورڇ واري فارمولي تي هڪ ڏينهن لاءِ به عمل ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي سخت کوٽ آهي ۽ سنڌ پڇڙي تي هجڻ ڪري اڳ ۾ ئي بدترين پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي ۽ سنڌ جي ڏاکڻن ضلعن ۾ پاڻي نٿو پهچي جنهن سبب آباد زمينون بنجر ٿي رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ پنجاب ۾ چولستان ڪينال واري رٿا گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي منظوري کانسواءِ شروع ڪرڻ، آئين ۽ قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته هي رٿا سنڌ ۽ سرائڪي بيلٽ ۾ اڳ ئي آباد ٿيندڙ زمينن کي بنجر بڻائيندي ۽ ڪروڙين ماڻهن جي جياپي جي خاتمي جو سبب بڻبي. مخصوص اشرافيا جي طبقي ۽ فوجين کي ڏنل زمينون آباد ڪرڻ وارو هي منصوبو وفاق پاڪستان جا بنياد ڌوڏي ڇڏيندو. هن چيو ته پاڪستان جي بقا برابري جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ ۽ مقامي ماڻهن جو اولين حق تسليم ڪرڻ لاءِ نئين آئين جي ضرورت آهي. نامياري دانشور نصير ميمڻ گرافڪ پريزنٽيشن سان وڏي چولستان ۽ ننڍي چولستان جي بنجر زمين آباد ڪرڻ، پنجاب جي انٽر ڪينال واري نظام جي واهن جي پاڻي کڻڻ واري گنجائش وڌائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته هي منصوبو سنڌ ۽ سرائڪي بيلٽ جي آباد زمينن کي بنجر بڻائيندو، انڊس ڊيلٽا جو وجود مٽائيندو، نتيجي ۾ سمنڊ جو پاڻي جيڪو اڳ ۾ ئي هزارين ايڪڙ زمين ڳهي چڪو آهي، اهو ٺٽو، سجاول، بدين ۽ لاڙ جي ٻين ضلعن ۾ وڏي انساني الميي جو بنياد بڻبو، وفاق ۽ صوبن ۾ نفرت جو نئون ٻج ڇٽيندو. هن چيو ته ستلج درياءُ جيڪو پاڪستان ڀارت کي وڪرو ڪيو هو، ان ۾ 33 سالن بعد ڀارت ۾ ٻوڏ اچڻ ۽ سندن ڊيم ڀرجڻ بعد پاڻي ڇڏيو ويو ۽ ڏيڍ کان پوڻا 2 لک ڪيوسڪس پاڻي پاڪستان ۾ آيو. جنهن کي بنياد بڻائي چولستان ڪينال جو پهريون مرحلو 211 ارب روپين جي وڏي رقم سان شروع ڪيو ويو آهي جيڪو فني، ماحولياتي ۽ معاشي پئمانن تي پورو نٿو لهي. هن چيو ته ملڪي نطام ۾ پاڻي موجود ئي ناهي ۽ ٻوڏ جي فرضي پاڻي جي موجودگي جي بنياد تي هي منصوبو وسيلن جو ضياع آهي. هن چيو ته لڳي ٿو ته بظاهر هي فلڊ ڪينال، ماضي جي فلڊ ڪينالز، چشما جهلم لنڪ ڪينال، گريٽر ٿل ڪينال ۽ ٻين واهن جيان مستقل بنياد تي وهايو ويندو، جنهن سان تمام وڏو بحران پيدا ٿيندو جنهن جي تباهي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته بهاولپور ۽ رحيم يار خان سميت سرائڪي بيلٽ به سنڌ جيترا ئي متاثر ٿيندا. هن چيو ته عالمي بئنڪ جي پينل هر سال ساڍا 8 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏڻ جي سفارش ڪئي آهي، جيتوڻيڪ سنڌ جي ماهرن کي ان تي به اعتراض آهي ۽ سندن سائنسي بنياد تي مطالبو آهي ته انڊس ڊيلٽا جي جياپي ۽ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ان کان ٻيڻ تي پاڻي گهربل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ لمحي لاءِ عالمي بئنڪ جي ماهرن سان اتفاق به ڪجي ته ڇا 2010 ۽ 2022 واري فلڊ کانسواءِ ڪڏهن گهربل مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي؟ يقينن سن 2000 کان 2024 تائين ڊيٽا جو اڀياس ڪبو ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي ٻن مهينن کانسواءِ ڪڏهن به ڪنهن به سال گهربل مقدار ۾ پاڻي ناهي ڇڏيو ويو. هن چيو ته سنڌ مان ملندڙ تيل، گيس ۽ ڪوئلو ته قومي ملڪيت بڻايو ٿو وڃي پر ڊيلٽا بچائڻ لاءِ چون ٿا ته اهو سنڌ پاڻ ڄاڻي. اهي رويا وفاق لاءِ خوفناڪ ثابت ٿيا آهن. هن چيو ته اڄ به انڊس ڊيلٽا مان تيل يا گيس نڪري ته وفاق لٺ کڻي بيهندو ته اهي قومي وسيلا آهن. اسانکي سوچ بدلائڻي پوندي. پاڻي معاملن جي ماهر اصغر علي چيو ته پاڪستان جو نهري نطام ناڪارا بڻجي ويو آهي، اوپن ڪينال واري نطام ۾ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، اسانکي جديد واٽر مئنيجمينٽ جي سائنسي طريقن تي عمل ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن وضاحت ڪئي ته کليل واهن بدران پريشر پائيپنگ ذريعي پاڻي پهچائڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ فضا قريشي چيو ته پاڻي زندگي آهي. زراعت، ماهي گيري، چوپائي مال ۽ چرند پرند جي زندگي جو دارومدار به ان تي آهي. اسانکي سنڌو درياءَ کي مرڻ کان بچائڻ لاءِ بند ٻڌڻ بند ڪريو ۽ درياءَ سان لاڳاپيل معيشت کي مضبوط ڪرڻ گهرجي ۽ انهن شعبن مان چولستان رٿا جي ڀيٽ ۾ ملڪي معيشت وڌيڪ لاڀ ڏئي سگهي ٿي. پروگرام جو ماڊريٽر ڊاڪٽر علي رضا هو، تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪيترائي ماڻهو فرش تي ويهي دلچسپي سان پروگرام ٻڌندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو