ملير (رپورٽ فاروق ڀنگوار ) پورٽ قاسم ويجهو 4 هٿيار بند چانورن جي ٻورين سان لوڊ ٽرڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. بن قاسم ٿاڻي تي پوليس ڪيد داخل ڪيو آهي. پورٽ قاسم درگاه شاھ حسن ويجهو صبح ڌاري گهاري کان ڪراچي ايندڙ چانورن جي ٻورين سان لوڊ ٽرڪ نمبر P3798 کي چئن هٿيار بندن روڪي ڊرائيور کي يرغمال بڻائي ٽرڪ ڪاهي فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ واقعي متعلق مالڪ ۽ ڊرائيور عابد الرحمن جي ڀاء سعيد الرحمن ٿاڻي بن قاسم تي ايف آئي آر داخل ڪرائندي موقف اختيار ڪيو.آهي ته ٽرڪ ۾ 660 چانورن جون ٻوريون سٿيل هيون ۽ هٿيار بند ڊرائيور کي به پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا جنهن کي ڪجھ اڳيان وڃي ڇڏي ڏنو . هنن چيو ته پوليس ڪجهه نه پئي ڪري رڳو دلاسا پئي ڏئي.










