اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائڻ وارن ججز خلاف ڪارروائيءَ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي پ پ آمريڪا جي صدر محمد خالد اعواڻ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت کي به ڌر بڻايو ويو درخواست ۾م وقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ تازو ڦاهي جي سزا کي غيرآئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي چڪي پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ناحق ڦاهي ڏيڻ تي قوم اڄ به ڏکايل آهي درخواست ۾ چيو ويو ته شهيد ڀٽو نه آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ نه ئي ڪو ڏوهه ڪيو هو،کيس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، ڀٽو کي ڦاهي جو فيصلو ٻڌائڻ وارن ججز خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي فوت ٿيل ججز جي وارثن کان سڀئي مراعتون واپس وٺڻ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو غيرقانوني ٽرائل هلائڻ وارن خلاف ڪارروائي جي به استدعا ڪئي وئي










