ڀيڻ تي تيزاب اڇلائيندڙ کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ڀيڻ تي تيزاب اڇلائيندڙ کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي منظور ڪالوني علائقي ۾ عورت تي تيزاب اڇلائيندڙ جوابدار محمد رمضان کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا جرمانو جي سزا ٻڌائي وئي.عورت تي تيزاب اڇلائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ٿي.ٻڌڻي دوران عدالت عورت تي تيزاب اڇلائڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار محمد رمضان کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا جرمانو جي سزا ٻڌائي.عدالت جوابدار کي سندس متاثره ڀيڻ کي 50 هزار رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ۽ محمد رمضان کي سندس ٻن ڀائٽين کي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 4 سال قيد ۽ 40 لک رپيا جرمانو جي سزا به ٻڌائي.

پهنجو تبصرو موڪليو