ڀاڄيون ۽ ميوا رمضان کان اڳ ئي مهانگو ٿي ويا

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) رمضان کان اڳ ئي ڀاڄين ۽ ميون جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن.لاهور ۾ پياز 150 رپيا، اوڪرا 240 رپيا، ڪريلو 160 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو.مارڪيٽ ۾ انب 290 رپيا في ڪلو، اسٽرابري 260 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.اهڙي طرح خربوزه 165 رپيا في ڪلو ۽ ڪيلا 250 رپيا في درجن تي وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويا.ان کان علاوه، هفتي دوران افراط زر ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. آلو، پياز، ٽماٽو، اٽو، کنڊ ۽ گيهه سميت 29 ضروري شيون مهانگيون ٿي ويون.ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 1.37 سيڪڙو جي اضافي سان 42.27 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو