ڀارت ۾ قتل ڪيل 11 هندن معاملي بابت جواب طلب

ڀارت ۾ قتل ڪيل 11 هندن معاملي بابت جواب طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀارت ۾ سنڌ واسي 11 ڀاتين جي قتل واري واقعي خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيسز جاري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪابينا ڊويزن ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کان جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران درخواست گذار وڪيل چوڌري حسيب چيو ته ڀارت ۾ هندو خاندان کي را لاءِ جاسوسي ڪرڻ کان انڪار تي قتل ڪيو ويو، واقعي ۾ ڀارتي جاسوس ادارو را ۽ انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس ملوث آهن، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته صدر طرفان پاڪستاني شهرين لاءِ آواز اٿارڻ سٺو عمل آهي، اقليتن جو خيال رکڻ اسان جي آئيني ذميواري آهي. ياد رهي ته اسلام آباد بار ڪائونسل ڪالهه درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالت چيو ته هي معاملو عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جهڙو ٿو لڳي.

پهنجو تبصرو موڪليو