ڀارت ۾ شاهي خاندان جي نالي 23 لک روپين جو فراڊ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا موجب پاڻ کي ابو ظهبي جي شاهي خاندان جو ملازم ظاهر ڪندڙ فراڊي هڪ هوٽل سان 23 لک روپين جو فراڊ ڪيو آهي. پوليس موجب فراڊي جي سڃاڻپ محمد شريف جي نالي سان ٿي آهي، جنهن خلاف هوٽل انتظاميا فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو آهي، محمد شريف پهرين آگسٽ تي ليلا پيلس ۾ ڪمرو نمبر 427 ورتو ۽ 20 نومبر تي خاموشي سان غائب ٿي ويو. جوابدار هوٽل مان ڪراڪري سميت ڪجهه شيون به کڻي ويو آهي. پوليس موجب محمد شريف هوٽل انتظاميا کي ٻڌايو ته هو متحده عرب امارات جو رهواسي آهي ۽ اتي سندس ذاتي ڪاروبار آهي، جڏهن ته هو ابوظهبي جي شاهي خاندان جو ذاتي ملازم آهي، هو هوٽل انتظاميا کي دستاويز به ڏيکاريا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو