ڀارت کي نئين دهلي ڌماڪي جي جاچ ۾ مدد جي آڇ ڪئي،روبيو

ڀارت کي نئين دهلي ڌماڪي جي جاچ ۾ مدد جي آڇ ڪئي،روبيو

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته هن نئين دهلي ۾ ڌماڪي جي جاچ ۾ هندستان کي مدد جي آڇ ڪئي آهي.ڪينيڊا ۾ G7 سربراهي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هن هندستان کي مدد جي آڇ ڪئي آهي، پر هندستان پاڻ سٺي جاچ ڪرڻ جي قابل آهي، تنهن ڪري هندستان کي اسان جي مدد جي ضرورت ناهي.مارڪو روبيو اميد ظاهر ڪئي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي واشنگٽن جي دوري دوران سٺا معاهدا ڪيا ويندا.هن چيو ته سعودي ولي عهد ايندڙ هفتي واشنگٽن جي دوري دوران صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪندو. مارڪو روبيو چيو ته معاهدن سان لاڳاپيل ڪجهه شيون آهن جن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو