ڀارت پهلگام واقعي خلاف قرارداد ۾ مرضي جا لفظ شامل ڪرائڻ ۾ ناڪام

ڀارت پهلگام واقعي خلاف قرارداد ۾ مرضي جا لفظ شامل ڪرائڻ ۾ ناڪام

نيويارڪ (بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ پاڪستان ڪامياب ۽ بهترين سفارتڪاري ڪندي پهلگام واقعي خلاف منظور ڪيل مذمتي قرارداد ۾ سخت لفظ شامل ڪرائڻ جي ڀارتي ڪوشش کي ناڪام بنائي ڇڏيو. جڏهن ته ڀارت قرارداد ۾ پهلگام جا لفظ به شامل نه ڪرائي سگهيو. پهلگام واقعي جي ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ سلامتي ڪونسل ارادو ڪيو ته هر طرح جي دهشتگردي، عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين ترين خطرن مان هڪ آهي. سلامتي ڪونسل طرفان جمعي تي جاري ڪيل بيان ۾ مختلف ملڪن جي ميمبرن متاثر ماڻهن جي گهر ڀاتين سان گڏوگڏ ڀارت ۽ نيپال سان همدردي جو اظهار ڪيو.بيان ۾ پهلگام جي بجاءِ جمون، ڪشمير جو جو لفظ استعمال ڪندي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.ميمبرن انهي ڳالهه جو ارادو ڪيو ته دهشتگردي هي شڪل ۾ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين ترين خطن ۾ شامل آهي، زور ڏنو ويو آهي ته ڏوهارين، سهولتڪارن، فنانسرز ۽ اسپانسرز جو احتساب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هن سمورن ملڪن تي زور ڏنو ته هو عالمي قانون ۽ سلامتي ڪونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي تحت ذميوارن موجب سمورن لاڳاپيل اختيارين سان فعال طور تي تعاون ڪن. انهي کان علاوه گڏيل قومن جي ترجمان چيو ته گڏيل قومون خطي جي صورتحال تي گهري ڳڻتي سان گڏوگڏ نظر رکيل آهي. هن چيو ته اسان هڪ دفعو ٻيهر ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن تي زور ڏيون ٿا ته اهي صورتحال کي وڌاڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءُ وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو