ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارت وڏي دلچسپ مقابلي بعد ٽي ٽوئنٽي جي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. ويرات ڪوهلي مين آف دي ميچ قرار، هن چيو ته خوشي اٿم آخري ورلڊ ڪپ ۾ مون اسڪور ڪيو ۽ ڀارت کٽي وئي. ڏکڻ آفريڪا جي اننگ به منڍ کان مشڪل رهي، اوپنر ريضا هينرڪس 4 رنسون ٺاهي بومرا جي آئوٽ سوئنگر بال تي بولڊ ٿيو، ڪپتان ايڊن مرڪرم به 4 رنسون ٺاهي ارشديپ جي ٻئي اوور ۾ ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. ڪونٽن ڊي ڪاڪ ۽ ٽريسٽن اسٽبز اسڪور اڳتي وڌايو ۽ نائين اوور ۾ 70 جي مجموعي اسڪور تي سندن ٽئين وڪيٽ ڪري، جڏهن اڪثر پٽيل، اسٽبز کي بولڊ ڪيو، هن 21 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 31 رنسون ٺاهيون. 13 هين اوور ۾ ارشديپ ٻيو شڪار ڪندي ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ کي ڪلديپ هٿان بائونڊري تي ڪيچ ڪرايو، هن هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 31 بالن تي 39 رنس ٺاهيون، هينرچ ڪلاسن 23 بالن تي 5 ڇڪا ۽ 2 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي فتح جي اميد پيدا ڪئي، پر هو جلد ئي پانڊي جي وائيڊ بال تي 52 رنسون ٺاهي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. 156 جي اسڪور تي 18هين اوور ۾ بومرا مارڪوس جانسن کي بولڊ ڪيو ته ڀارت ميچ ۾ موٽي آيو. آخري اوور ۾ 16 رنز گهرب هيون، ملر پانڊي جي پهرين بال تي وڏي هٽ هنئي، سوريا ڪمار ياديو ناقابل يقين ڪيچ پڪڙيو، بائونڊري کان ٻاهر هليو ويو ۽ واپس اندر اڄي ڪيچ پڪڙيو. ربادا پانڊي کي چوڪو هنيو، آخري 2 بالن تي 9 رنز گهربل هيون، ربادا ڪيچ آئوٽ ٿي ويو ۽ هڪ بال تي 9 رنس گهربل هيون، جيڪي نه ٺهي سگهيون ۽ 7 رنسن تان آفريڪا هارائي وئي. اڪثر پٽيل کي آَخري اوور ۾ 24 رنس پيون. ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميڄ جيڪا باربادوس جي شهر برج ٽائون لڳ ڪينسگٽن اوول اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي، ان ۾ ڀارت ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورز 7 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنس ٺاهيون. ڪوهلي 59 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 76 رنز اسڪور ڪيون. اڪثر پٽيل 47 ۽ شيوام ڊوبي 27 رنز ٺاهي نمايان رهيا. مارڪوس جانسن 49 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، انرچ نورٽجي ۽ ڪيشو مهراج ٻه ٻه شڪار ڪيا. روهت شرما 9، رشاڀ پنٽ زيرو، سوريا ڪمار 3 ۽ جديجا 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، پانڊي پنج رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. ياد رهي ته ڪينسگٽن جو اسٽيڊيم 1871 ۾ ٺهيو هو پر 20 سال اڳ ان کي ڪيرائي ساڍا تيرنهن ڪروڙ دالر جي لاڳٽ سان نئين سر ٺاهيو ويو هو، اڳ م تماشائين جي گنجائش ساڍا 12 هزار هئي جيڪا هاڻي 28 هزار ڪئي وئي آهي.










