ڀارت جو ڪينيڊا تي 41 سفارتڪار واپس ڪرڻ تي زور

ڀارت جو ڪينيڊا تي 41 سفارتڪار واپس ڪرڻ تي زور

نئين دلي(ويب ديسڪ)علحدگي پسند سک اڳواڻ جي قتل تان هندستان ۽ ڪينيڊا ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ڀارت ڪئناڊا کي چيو آهي ته 10 آڪٽوبر تائين 41 سفارتڪار واپس گهرائي. فنانشل ٽائمز جي رپورٽ موجب نئين دهلي ۽ اوٽاوا جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿي رهيا آهن. ڪينيڊا جي شهري، هرديپ سنگهه ننجر جي قتل ۾ ڀارتي سفارتڪارن جي ملوث هئڻ جو الزام لڳايو هو، جنهن کي هندستان هڪ “دهشتگرد” قرار ڏنو هو. نجار، 45، سري، برٽش ڪولمبيا ۾ گرو نانڪ سک گرودوارا مندر جو صدر هو ۽ خالصتان نالي سک رياست جي قيام جو حامي هو. ڀارت الزام کي من گهڙت قرار ڏئي رد ڪيو هو. 21 سيپٽمبر تي ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ڀارت تي زور ڀريو هو ته تحقيقات ۾ تعاون ڪري. آمريڪا به اهڙو مطالبو ڪيو هو. جواب ۾ ڀارت ساڳئي ڏينهن ڪينيڊا جي شهرين کي ويزا نه ڏيڻ جو اعلان ڪندي مٿن زور ڀريو ته هو سفارتي عملو گهٽائي. ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر چيو هو ته قتل جا ثبوت مليا ته انهن تي غور ڪنداسين. هن وقت ڪينيڊا جا 62 سفارتڪار ڀارت ۾ ڪم ڪن ٿا جن مان 41 سفارتڪار واپس ڪرڻ لاءِ چيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو